جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مثالي ترقياتي ڪم، ميرٽ تي ڀرتيون
ڪراچي (رپورٽر)جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ جي اچڻ کانپوءِ يونيورسٽي ۾مثالي ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ ڪيتري ئي عرصي کان خالي جاين تي مقرري لاءِ به قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته اڳ ۾ جيڪي مقرريون ٿيون آهن اهي ميرٽ تي پورو نه لهڻ تي سندن مفادن تي نقصان رسڻ سبب اجايو پروپئگنڊا ڪرڻ ۾ پورا آهن، جڏهن ته سمورين ڀرتين ۾ ميرٽ تي سختي سان عمل ڪيو ويندو جنهن سان جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو معيار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ منظور ٿيل تجربو ۽ اهليت بنياد تي ئي مقرري ڪندي، ٻئي طرف جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٻن سالن جي ڪارڪردگي ساراهيو ويو.
سينيٽ جو پنجون اجلاس ڪالهه صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي اجلاس جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪئي ۽ پرو چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سعديه اڪرم اجلاس جي ايجنڊا پيش ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مالياتي تخميني سميت گذريل ٻن سالن جي نظرثاني ٿيل بجيٽ، 2019 ۽ 2020 جي آڊٽ ٿيل اڪائونٽس، 10 کان 13 فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي ميٽنگ جا منٽس.
ڊائريڪٽر جي عهدي لاءِ تجربي جي حد 12 سال ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي عهدي لاءِ 10 سال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
پروفيسر امجد سراج ميمڻ وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي گذريل ٻن سالن ۾ نمايان مالي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ اسان پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل کي درخواست ڪئي هئي ته جي ايس ايم يو جي ڊينٽل سيٽن کي 50 مان وڌائي 75 ڪيو وڃي ۽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ هڪ 4 سالن جو بيچلرس پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ڊائلاسز، ICU ۽ ٻارن جي ICU ۾ تربيت حاصل ڪئي ويندي ۽ ملڪ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ هو بوائز ميڊيڪل ڪاليج شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو .
هن چيو ته تازو ئي لانڍي ڪيمپس ۾ پريوينٽو ڪارڊيالوجي ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان يونيورسٽي جي اپنا انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ اين آءِ سي وي ڊي جي وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ اتي پريوينٽو ڪارڊيالوجي جون خدمتون شروع ڪيون وينديون.
آخر ۾ وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو ته صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو هميشه اسان جي يونيورسٽي جي ترقيءَ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن ۽ کيس اميد آهي ته هوءَ مستقبل ۾ جي ايس ايم يو جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي.
آگسٽ 8, 2023