توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توشاخانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي توشا خانا ڪيس ۾ سزا خلاف خواجا حارث ۽ بيئرسٽر گوهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو قانون جي خلاف آهي، مک اپيل جي فيصلي تائين سزا معطل ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي سندس آزادي جو حڪم ڏنو وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪندي.
آگسٽ 8, 2023