عمران خان جي گرفتاري جا ڇنڊا جمھوري حڪمران جي دامن تي لڳندا….

Spread the love

گذريل ڏھاڙي اسلام آباد جي عدالت پاران توشھ خانھ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي. ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيل توشه خانا ڪيس اسلام آباد جي عدالت ۾ ھليو. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ سيشن ڪورٽ گھرايوھو، پر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪنھن بھ موقعي تي پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان عدالت ۾ پيش نھ ٿيوھو. آخري ٻڌڻي واري موقعي تي بھ عمران خان عدالت ۾ ٻڌڻي دوان غير حاضر ھو پر بار بار عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود سندس وڪيل بھ ٽال، مٽول ڪرڻ لڳ، پر آخري وقت تي سندس وڪيل ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ٿيو، جوابدار يا سندس وڪيل جي اھڙي رويي تحت معزز جج کي ٽن دفعن لاءِ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪرڻو پيو ۽ ڇوٿين دفعي واري وقفي کان پوءِ ٻڌڻي دوران فيصلو ٻڌائيندي اسلام آباد جي عدالت جي جج همايون دلاور محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته توشا خاني ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين تي الزام ثابت ٿيا آھن، مٿس ڪوڙا اثاثا ظاهر ڪرڻ جي الزام تحت عمران خان کي توشا خانا ڪيس ۾ ٽي سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائجي ٿي. مانواري جج اھي پڻ ريمارڪس ڏنا تھ جوابدار جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي وئي آھي ۽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جا وارنٽ پڻ جاري ڪيا ويا آهن. اھڙي عدالتي فيصلي اچڻ کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن پاران زمان پارڪ مان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو، اھڙي گرفتاري جي تصديق عمران خان جي گهرواري ۽ سندس ذاتي ملازمن پاران ڪئي وئي آھي. رپورٽن مطابق اندازو آھي تھ قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪرڻ جا قوي امڪان موجود آھن. بد قسمتيءَ سان اسان جي ملڪ اندر قانون کي نظر انداز ڪرڻ جو رحجان وڌي رھيو آھي، جنھن جو ثبوت اھو آھي تھ توشا خانا ڪيس سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ٻڌڻي جي موقعي تي گھرايو ويندو رھيو ھو، پر ھر ڀيري ڪنھن نھ ڪنھن بھاني عيوض ٻڌڻي ۾ شرڪت نھ ڪندو ھو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو اڄ کيس عدالت پاران نھ رڳو سزا ٻڌائي وئي آھي، پر کيس گرفتار بھ ڪيو ويو، جيڪڏھن عمران خان ٻڌڻي دوران حاضر ٿي پنھنجو موقف پيش ڪري ھا تھ کيس ڪجھھ عدالتي رليف ملي وڃي ھا ھي معاملو جمھوري حڪومت ۾ ئي پيش آيو، جنھن جا ڇنڊا مستقبل ۾ جمھوريت جي دعويدارن تي لڳندا، پر جيڪڏھن حقيقت واري عينڪ تحت ڳوڙھو جائزو وٺجي تھ ماضي ۾ ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو، نواز شريف، شھباز شريف ۽ ٻين سمورين سياسي پارٽين جا اڳواڻ پنھنجي مٿان لڳل الزامن کي منھن ڏيڻ لاءِ نھ رڳو عدالتن ۾ پيش ٿيندا رھيا آھن، پر ملندڙ عدالتي سزائن کي پڻ قبول ڪندا رھيا آھن، اھو ئي سبب آھي جو نواز شريف بطور وزير اعظم عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ اتي ئي منصب تي ھوندي کيس سزا ڏئي نااھل ڪيو ويو، تھ ان ئي وقت نواز شريف وزير اعظم جي منصب کي الوداع ڪيو ھو. ان ڪري عمران خان کي سياستدان ھئڻ جي ناتي سان عدالتن سان منھن ڏيڻ گھرجي ھا.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو