”ڪنهن گروهه سان ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردن وٽ ڪنڌ جهڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي“

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردي ۾ واڌ دهشتگردن طرفان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، دهشتگردن وٽ رياست جي رٽ سامهون ڪنڌ جهڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور ۾ تاريخي گرينڊ جرڳي ۾ خاص طور شرڪت ڪئي.

آرمي چيف پنهنجي تقرير ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيهڻ تي قبيلائين جي خدمتن کي ساراهيو، هن ضم ٿيل ضلعن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ پاڪ فوج، ايف سي، ليويز، پوليس جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

قبيلائي عوام کي مخاطب ٿيندي آرمي چيف چيو ته اسان توهان مان آهيون ۽ توهان اسان مان آهيو، فوج ۽ سيڪيورٽي جا سمورا ادارا ۽ پاڪستاني عوام هڪ آهي، ضم ٿيل قبيلائي علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪئي ويندي، قبيلائي عوام جي معاشي ترقي بابت ترقياتي منصوبن ۾ انهن جي شرڪت يقيني بڻائينداسين.

هن چيو ته فوج خلاف دشمن قوتن جي پروپئگنڊا کي قانون موجب منهن ڏينداسين، شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون، پاڪستان ۾ مڪمل امن واپس ايندو، دهشتگردي ۾ واڌ دهشتگردن طرفان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي، دهشتگردن وٽ رياست جي رٽ سامهون ڪنڌ جهڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.

سندس چوڻ هو ته افغان شهرين جو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ دوحا امن معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان کي افغان سرزمين تي ڪالعدم تنظيمن لاءِ پناهگاهن ۽  آزادي تي خدشا آهن، پاڪستان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندو، پاڪستان مديني جي رياست کانپوءِ ڪلمي تي ٺهندڙ ٻي رياست آهي، دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان جو ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي، جيڪي ماڻهو امن کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا اهي اسان مان ناهن، اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي، جن ان دين کي دهشتگردي جي ور چاڙهيو، انهن کي جواب ڏيڻو پوندو.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته رڳو پاڪستان ۽ عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪنهن به گروهه يا جٿي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي، افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پاڪستان جي قانون موجب رهڻو پوندو.

آرمي چيف افغان حڪومت کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته احسان جو بدلو احسان کانسواءِ ڪجهه ٻيو به ٿي سگهي ٿو؟

هن وڌيڪ چيو ته اسان الله جي رستي ۾ جهاد ڪري رهيا آهيون ۽ ڪاميابي اسان جي ئي ٿيندي، پاڪ فوج جو مقصد ۽ نصب العين شهيد ۽ غازي آهي، پاڪستان مستحڪم ۽ پرامن ماحول کي ممڪن بڻائڻ لاءِ دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ حاڪميت رڳو الله جي آهي، اهي ڪهڙي شريعت آڻڻ چاهين ٿا؟ پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندي.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو