ڪشمور: ڊاڪٽر منير نائچ جي بازيابي نه ٿيڻ خلاف سندس والد جو احتجاج
ڪشمور ( رپورٽ: طلعت نظیردايو ) ڏکايل منهنجي سنڌ جا بي قصور ماڻهون بيحسي جي انتحا استاد بشير احمد نائچ پنهنجي ڊاڪٽر پُٽ جي بند ڪلينڪ اڳيان احتجاج طور ان جي بازيابي لاءِ عوامي ميڊيا جي ٽيم کي پنهنجو درد ٻڌائيندي گڊو شھر مان 28 ڏينهن اڳ پنهجي ڪلينڪ تي ويٺل ڊاڪٽر منير احمد نائچ کي اغوا ڪرڻ ۽ بازيابي نه ٿيڻ خلاف سندس جي والد استاد بشير احمد نائچ چيو ته اسين پڙهيل لکيل عزت دار شهري آهيون
منهنجو پٽ عوام جي خدمت ڪندڙ مسيحا هو جنهن کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آهي ۽ ڪو به اسان سان رابطي ۾ ناهي نه ئي چونڊيل نمائندا يا وري ڪو انتظاميا 28 ڏينهن گذرڻ باوجود منهنجو پَٽ ڊاڪٽر منير احمد نائچ بازياب نه ٿي سگهيو آهي ڪشمور جي ماڻهون کي خبر آهي اسان ڪيتري خدمت ڪئي آهي پر الائي ڇو ايترو ظلم ڪيو ويو
مان صرف پنهنجي پٽ لاءِ نه هر ان ٻار ان فرد لاء جيڪي آغوا ٿيل آهن اپيل ٿو ڪيان انتظاميه کي خدارا اک پٽيو ڪو تحرڪ وٺو ڏسو ته انهن جي گهرن ۾ ڪهڙي ڪيفيت آهي ايس ايس پي شڪار پور ڪشمور کي گذارش ٿو ڪيان ته منهنجي پٽ ڊاڪٽر منير احمد نائچ کي جلد بازياب ڪرائي اسانجي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
آگسٽ 7, 2023