ڪراچي جي آبادي ڪيتري آهي؟ ڳڻپ کاتي تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ستين ڊجيٽل مردم شماري جي سرڪاري نتيجن ۾ ڪراچي ڊويزن جي آبادي ٻه ڪروڙ 3 لک کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪراچي ڊويزن جي آبادي ۾ 5 سالن دوران 43 لک 57 هزار 987 فردن جي واڌ ٿي آهي ۽ ڪراچي جي مجموعي آبادي ٻه ڪروڙ 3 لک 82 هزار 881 ٿي وئي آهي.
انگن اکرن ۾ ڪراچي جي وچ ضلعي جي آبادي 38 لک 22 هزار 325، اوڀر جي 39 لک 50 هزار 31، ڏکڻ ضلعي جي 23 لک 29 هزار 764، اولهه ضلعي جي 26 لک 79 هزار 380، ڪياماڙي ضلعي جي 20 لک 68 هزار 451، ملير ضلعي جي 24 لک 3 هزار 959 ۽ ڪورنگي جي آبادي 31 لک 28 هزار 971 ٻڌائي وئي آهي.
سرڪاري نتيجن موجب حيدرآباد ڊويزن جي ڪل آبادي هڪ ڪروڙ 16 لک 59 هزار 264، لاڙڪاڻي ڊويزن جي 70 لک 93 هزار 706، جڏهن ته ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي 46 لک 19 هزار 624 فردن تي ٻڌل آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته شهيد بينظير آباد ڊويزن جي آبادي 59 لک 30 هزار 549، سکر ڊويزن جي آبادي 60 لک 10 هزار 41 آهي.
آگسٽ 7, 2023