ڏوڪري ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان نسل نشي جو عادي بڻجي ويو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ منشيات جو وڪرو عام جام، نوجوان نسل هيرون ۽ شيشي جو عادي بڻجي ويو، پوليس انتظاميا منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي، منٿلي مقرر، پوليس انتظاميا سرعام زهر هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

 ڏوڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ هيرون، شيشي سميت مختلف منشيات جو وڪرو عام جام ٿي ويو آهي، نوجوان نسل هيرون ۽ شيشي جو عادي بڻجي ويو آهي، منشيات نه ملڻ سبب شهر مان ڏوھ روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

جڏهن ته پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران منٿلي مقرر ڪري سرعام زهر هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

 ان موقعي تي سماجي اڳواڻ عابد علي، علي رضا، فيصل رضا، وحيد علي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري شهر جي ڪيترين پاڙن ۾ منشيات جو وڪرو عام جام ٿي رهيو آهي جنهن سبب نوجوان نسل تباھ برباد ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته هيرون، شيشو، چرس، ڀنگ سميت مخلتف منشيات واپرائيندڙ مخلتف پاڙن جي چونڪ تي ويهي سرعام منشيات واپرائي رهيا آهن جنهن سبب ننڍڙا ٻار به منشيات واپرائيندڙ کي ڏسي منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته ڏوڪري پوليس منشيات وڪرو ڪندڙ کان منٿلي مقرر منشيات وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون جلد منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو