ڏوڪري: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تعلقھ اسپتال جي ايم ايس پاران گڏجاڻي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تعلقہ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، پي پي ايڇ آءِ ايڊمنسٽر روشن علي پنهور پاران اسپتال جي ڊاڪٽرن سميت عملي سان گڏجاڻي ڪئي.

ان موقعي تي ايم اي ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، پي پي ايڇ آءِ ايڊمنسٽر روشن علي پنهور جو چوڻ هو ته ڏوڪري اسپتال لاڙڪاڻي ضلعي ۾ بهترين اسپتالن مان هڪ اسپتال آهي، زوزاني جي بيناد تي ڏوڪري اسپتال جي او پي ڊي 1600 کان وڌيڪ آهي. هنن چيو ته اسپتال ۾ عورتن جي مفت آپريشن شروع ڪئي وئي آهي ڪيترائي ئي غريب ماڻهو فائدو وٺي ويا آهن.

هنن چيو ته ڊاڪٽر ۽ اسپتال جو عملو ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي مريضن کي ڀرپور رليف ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته پوليس اختيارين کي لکت ۾ چيو آهي ته ڏوڪري اسپتال ۾ پوليس اهلڪارن جي سخت ضرورت آهي پوليس اهلڪارن جي نه هجڻ سبب ماڻهو ڊاڪٽرن کي حراسان ڪري رهيا آهن ۽ ڊاڪٽرن سان بدتميزي ڪري رهيا آهن.        

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو