پاڪستان جي آبادي ۾ ڪيتري واڌ ٿي؟ ستين مردم شماري جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي طرفان ستين مردم شماري جي نتيجن جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان جي آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.55 سيڪڙو آهي ۽ ملڪ جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 99 هزار 431 تائين پهچي وئي آهي.
گزٽ نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب جي آبادي 2.63 سيڪڙو واڌ سان 12 ڪروڙ 76 لک کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته خيبر پختونخواهه جي آبادي 2.38 سيڪڙو واڌ سان 4 ڪروڙن کان وڌي وئي آهي.
سنڌ جي آبادي 2.57 سيڪڙو واڌ سان 5 ڪروڙ 56 لک کان وڌي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جي آبادي 3.20 سيڪڙو واڌ سان هڪ ڪروڙ 40 لکن کان وڌي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب شهري آبادي ۾ 3.65 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ٿي ۽ ٻهراڙي جي آبادي ۾ ساليانو 1.90 سيڪڙو واڌ ٿي.
پاڪستان جي ٻهراڙي جي آبادي جو ڪاٿو 14 ڪروڙ 77 لکن کان وڌيڪ، جڏهن ته شهري آبادي 9 ڪروڙ 37 لک 50 هزارن کان وڌيڪ آهي.
آگسٽ 7, 2023