ٽنڊوڄام: آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران سيٽون ظاهر نه ڪرڻ خلاف احتجاج
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊوڄام حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي اميدوارن سيٽون ظاهر نه ڪرڻ, انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي بلاجواز تنگ ڪرڻ تي تعليم کاتي حيدرآباد جي اختيارين خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اميدوارن چيو ته تعليم کاتو حيدرآباد 40 کان 44 مارڪون کڻندڙ حيدرآباد ٻهراڙي جي ٽيسٽ پاس اميدوارن سان ناانصافي ڪري رهيو آهي, تعلقي ٻهراڙي ۾ هن وقت به 150 جي لڳ ڀڳ پي ايس ٽي جون سيٽون خالي پيل آهن, جڏهن ته ڪيترائي استاد رٽائرڊ ٿي رهيا آهن, اڃا تائين تعلقي ٻهراڙي جا ڪيترائي اسڪول پڻ بند پيل آهن, پر پوءِ انتظار ۾ ويٺل اميدوارن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي.
هنن چيو ته ٽي اي او ۽ ڊي اي او آفيس جا عملدار رڳو آسرا ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت به ايس ٽي آر پاليسي، رٽائرڊمينٽ ۽ پروموشن سميت بند پيل اسڪولن سبب سيٽون خالي پيون آهن.
هنن چيو ته هاڻ ويٽننگ اميدوار ڪنهن به آسري ۽ دلاسي ۾ نه ايندا. هنن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ, تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه، سيڪريٽري اڪبر لغاري سميت اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي انتظار ۾ ويٺل اميدوارن کي فوري طور آرڊر ڏياري انصاف ڪيو وڃي.
آگسٽ 7, 2023