ٺٽو: چورين تي ضابطو نھ اچي سگھيو، اخباري هاڪر جي گھر مان چوري

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٺٽي ۽ مڪلي شھرن ۾ وڌندڙ چورين تي ضابطو ناهي اچي سگھيو، چور غريب اخباري هاڪر جي گھر ۾ داخل ٿي گھر مان بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا آهن. ٺٽي ۾ گذريل ڪيتري ئي وقت کان چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ تيزي آيل آھي پر ان جي باوجود ٺٽو پوليس پاران چورين ۽ ڦر جي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪاروائي نہ ڪرڻ ڪري ٺٽي جي شھرين جو ڦرجڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي.

 ان سلسلي ۾ ٺٽي شھر جي پلنگ پاڙي واري علائقي جي رهواسي غريب اخباري هاڪر عبدالقيوم عمراڻي جي گھر جا نامعلوم چور دروازا ٽوڙي گھر ۾ داخل ٿي گھر ۾ رکيل سولر بيٽري، چارجر ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. ٺٽو پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود ملوث چورن خلاف ڪابہ ڪاروائي ڪري غريب هاڪر جي گھر مان ٿيل چوري واپس ناهي ڪرائي سگھي.

ٻئي طرف ٺٽو جي اخباري ايجنٽن ۽ ھاڪرن لال بخش ملاح، اويس ميراڻي، سھيل ميمڻ، اياز جلالاڻي ۽ ٻين ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو کان گھر ڪئي آهي ته ٺٽي ۽ مڪلي ۾ وڌندڙ ڏوهي وارداتن کي ٻنجو ڏياري شهرين جي جان مال جي تحفظ کي يقين بڻائي اخباري ھاڪر عبدالقيوم عمراڻي جي گھران ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي. ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو