وڳڻ: سٽي پريس ڪلب جي گڏجاڻي، قلم ڌڻين لاءِ بلڊنگ جي گھر

Spread the love

وڳڻ ( رپورٽر عاجز چانڊيو) سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي قلم ڌڻين جي ماھوار دستوري گڏجاڻي علائقي جي مسئلن تي غور ويچار قلم ڌڻين لا۽ بلڊنگ جي گھر

خبر موجب سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي قلم ڌڻين جي ماھوار دستوري گڏجاڻي ٿي گذري جنهن جي صدارت سرپرست اعليٰ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ۽ صدر ساجد بلوچ ڪئي جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري عاجز چانڊيو ـ فتح محمد ڪلھوڙو ـ غلام دستگير مغيري ـ ضمير حسين چانڊيو ـ غلام اڪبر جتوئي ـ محبوب پنھور ـ سردار احمد سومرو ـ  علي گل مغيري ـ نادر علي مغيري ـ خالد مغيري ـ منور علي سومرو ـ جھانگير عباسي ـ امتياز خاصخيلي ـ ميڊم آسيا سومرو ۽ ايگزيڪيٽو ڪاميٽي چيئرمين محمد بخش خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ڪامريڊ غلام حسين مغيري ۽ ساجد بلوچ چيو ته ھتان جا چونڊيل نمائندا ووٽن بعد وريا ناھن ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺھرائڻ لا۽ رقم جاري ناهي ٿي اسان جي علائقي کي نظر انداز ڪيو ويو آهي  پر عوام جي اميد ميڊيا آهي ۽ صحافي پنھنجي قلم سان مسئلا ھا۽ لائيٽ ڪري رھيا آهن

ھنن وڌيڪ چيو تـ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سميت ٻين مسئلن تي لکيو وڃي ۽ موجوده مشڪل حالتن ۾ بـ صحافتي ذميواريون ڀرپور نموني نڀائي  رھيا آهيون ۽ عوام جو سھارو بڻجي رھيا آھيون ۽ اسان کي سرڪاري صطح  تي پريس ڪلب جي بلڊنگ ڏني وڃي.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو