ملير ۾سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم ايس چار جي افتتاحي تقريب منعقد
ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم ايس چار جي افتتاحي تقريب سسئي ٽول پلازه بن قاسم ٽائون ۾ معنقد ڪئي وئي تقريب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاه سنڌ خصوصي شرڪت ڪئي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ صوبائي وزير ۽ آفيسرن جي شرڪت ڪئي ان موقع تي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هن پروجيڪٽ جو افتتاح ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان هي سيف سٽي پروجيڪٽ آهي هن پروجيڪٽ سان ڏوهارين کي مشڪلات ٿيندي
سنڌ جي 40 ٽول پلازه تي هي ڪئميرائون لڳنديون ڏوهارين جون تصويرون ملڻ کان پوءِ ڏوهاري جي سڃاڻپ ٿي ويندي ۽ ڪورٽ ۾ ڏوهارين جي سڃاڻپ ٿيندي
سنڌ ڪابينا جا ٿورائتا آهيون جو سنڌ پوليس تي اعتماد ڪيو آھي ان موقعي تي ڪيٽن ريٽائرڊ پرويز چانڊيو ايڊيشنل آئي جي آئي ٽي چيو ته سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم چار پروجيڪٽ مڪمل ٿيو آھي پهريان ان کي چڪاس ڪيو ويو آھي پنهنجي ڊيٽا بيس ۾ موجود ڪرنمنل ريڪارڊ واري گاڏين گذاريو ويو اهو ڏٺو ڪيتري وقت ۾ نتيجو ملي ٿو گهربل گاڏي کي چيڪ ڪرڻ ۾ پنج سيڪنڊ اسان کي ٻڌايو گاڏي گهربل آھي
90 ڪلو ميٽر رفتار واري گاڏي گذاري ايڪسائز کان وڌيڪ چڪاس ڪئي رزلٽ به پنج سيڪنڊ ۾ مليو ننڌڙي گاڏين جا نمبر لڳائي چيڪ ڪيا تلاش ڊوائيز بهي نصب ڪيو ويو آھي جيڪو اپلائيڊ فار رجسٽريشن گاڏين جي وڌيڪ جانچ ڪندو اي وي ايل سي ۽ سي پي ايل سي ريڪارڊ چوري واري گاڏي چيڪ ڪئي وئي اگر ڪنهن گاڏي تي نقلي نمبر پليٽ هوندي ڪلر تبديل هوندو ته سسٽم کي آگاه ڪندو ڪڏهن وين جو نمبر ڪار يا ڪار جو نمبر وين ٽرڪ تي استعمال ڪيو ويندو آھي
فيشل ريڪيگينشن ابتڪ ڪار ۽ ننڌي وينز کي ڪور ڪري رهيو آھي ٽرڪ جيڪنگ لاء مشڪلات آھي جنهن کي جلد حل ڪنداسين اسان ڏوهارين کي به چيڪ ڪيو آھي بين الاقوامي سطح تي قانون آھي ته ٽول تي ڊرائيور پنهنجو شيشو هيٺ ڪري پنهنجو چھرو ٻاهر ڪڍي ڪيمرا ۾ چيڪ ڪرائيندو هتي لاڳو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو اهو خبر پوندو ڪير ماڻھو ڪيترا دفعا ٽول ڪراس ڪيو اڃا سسٽم نئو آھي ڊيٽا ٺھي رهيو آھي
اسانکي اهو به خبر پوندي ڪهڙي وقت گاڏين ڪٿان وڌيڪ گذر آھي ٽريفڪ انجنيئرنگ کي پڻ مدد ملندي ان موقعي تي مهمان خان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته مان سنڌ پوليس ۽ ان جي آفيسرن کي مبارڪ ڏيان ٿو هيء پروجيڪٽ ڪجھ مهينن گهٽ وقت ۾ اسان ڪيبنيٽ کان منظور ڪرايو اڄ کان ٻه سال پهريان اين آر ٽي سي ۽ آئي ٽي ڊپارٽمنيٽ کي چيو اسان کي پائليٽ پروجيڪٽ ڏيو ايس ٿري پورو ناهي ٿيو
پر اسان ايس ڦور پورو ڪري ڏياريو اسيمبليون ختم ٿيڻ کان اڳ سيف سيفٽي کي مڪمل ڪنداسين ملير جو ساھ آھي هن پروجيڪٽ کي پهريان هتان شروع ڪيو ته جئين ڪرائم ڪنٽرول ڪجي سنڌ جي 40 ٽول پلازه تي سسٽم نصب ڪيو ويندو.
آگسٽ 7, 2023