ملير : گلشن حديد ۾ سولنگي ويلفئير آرگنائيزيشن جو اجلاس منعقد

Spread the love

ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير جي گلشن حديد واري علائقي ۾ سولنگي ويلفئير آرگنائيزيشن پاڪستان ڪراچي ڊويزن جي ورڪر اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ خصوصي شرڪت مرڪزي چئيرمين عرفان سولنگي ، مرڪزي  وائيس چئيرمين امداد سولنگي مرڪزي صدر الله ڏنو سولنگي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ راحيل سولنگي ڪئي ورڪر اجلاس ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن سچل ڳوٺ ، ڪورنگي ، گڏاپ ، گهگهر ،ماروي ڳوٺ ،پپري ، پورٽ قاسم ، قائدآباد ، ملير سٽي ،ميمن ڳوٺ ۽ ٻين هنڌن تان اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي ،

ورڪر اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جي نئين باڊي جوڙي وئي جنهن ۾ صدر غلام مرتضي سولنگي ،نائب صدر انور سولنگي  جنرل سيڪريٽري عبدالمجيد  اطلاعات سيڪريٽري منظور حسين ،غلام عباس ،ابرار ،حيدر سولنگي رستم سولنگي ۽ ٻين کي چونڊيو ويو

 ان موقعي تي آيل مهمانن کي اجرڪون اوڙايون ويون ۽ مبارڪون پڻ ڏنيون يون  تقريب ۾ مرڪزي چئيرمين ڪراچي ۾ ٿيندڙ سولنگي ويلفئير آرگنائيزيشن پاڪستان جي تيزي سان اڀرندڙ فلاحي ڪمن ۾ اڳڀري هجڻ تي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ساراهيون ۽ چيو ته اسانجو مقصد پورهيت طبقي جي ماڻھن جو ڀرجهلو ٿيڻ آھي

 ڏکئي وقت ۾ پاڻ ملهايو آھي ملڪ ۾  ڪرونا وباء هجي يا سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال هجي هر وقت ميدان ۾ رهيا آھيون مرڪزي وائيس چئيرمين امداد سولنگي چيو ته گهٽ وسيلن هجڻ باوجود سولنگي ويلفئير آرگنائيزيشن پاڪستان ٿورڙي وقت ۾ سٺو ڪم ڪري ڏياريون آھي ائين پنهنجي مائروڙن جي خدمت ڪندا رهنداسين اڄ چونڊجي آيل اڳواڻن کي مبارڪون ڏيان ٿو.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو