ملير: سيد سلطان شاھ ساقي جي اٺين ورسي جي تقريب ڪوٺائي وئي
ملير (رپورٽ: قادر درس ) سيد سلطان شاھ ساقي پنهنجي سڄي ڄمار قومي مسئلن جي حل ۽ ادبي کيتر ۾ شاعري وسيلي قومي جاڳرتا پيدا ڪئي هن جي وڇوڙي سان ملير ۾ جدوجهدن جو رجان گهٽجي ويو آهي ملير سنڌ لاء ڪيل سندس خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي
موجوده دور ۾ ملير کي سلطان شاھ ساقي جھڙي بااصول قومي ڪارڪن صحافي ۽ شاعر جي سخت ضرورت آهي اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ انڊيجينيئس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خداڏنو شاھ سنڌ سيد ايسوسيئيشن ضلع ملير طرفان سينيئر صحافي سيد سلطا شاھ ساقي جي اٺين ورسي جي ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو تقريب ۾ سندس جدوجهد جي ساٿين حمزو پنھور، يونس خاصخيلي، صحافي حنيف سومرو، علي محمد گبول، شاعر سيد غفور شاھ تقوي غوث پيرزادو، سيلمان شاھ، سيد سجاد علي شاھ، اقبال ڪلمتي، نبي بخش شيخ سميت سندس چاھيندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ انڊيجينيئس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خداڏنو شاھ چيوته سيف سلطان شاھ ساقي پنهنجي سڄي ڄمار قومي مسئلن جي حل ۽ ادبي کيتر ۾ شاعري وسيلي قومي جاڳرتا پيدا ڪئي
هن جي وڇوڙي سان ملير ۾ جدوجهدن جو رجان گهٽجي ويو آهي ملير سنڌ لاء ڪيل سندس خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي موجوده دور ۾ ملير کي سلطان شاھ ساقي جھڙي بااصول قومي ڪارڪن صحافي ۽ شاعر جي سخت ضرورت آهي حمزي پنھور چيو ته سلطان شاھ ساقي جي دور ۾ ڪيل جدوجهدن جا ترت نتيجا ملندا هئا
هن وقت ملير کي اُڏوئي کائي ويئي آهي حنيف سومرو چيو ته پنهنجي ڌرتي سان وفاداري ڪندڙ ماڻهون گهٽجندا پيا وڃن ملير جي موجودا حالتن ۾ ساقي شاھ جھڙي برجستي صحافي ليکڪ شاعر ۽ قومي ڪارڪن جي شديد کوٽ محسوس ٿي رهي آهي
غفور شاھ تقوي چيو ته سلطان شاھ ساقي جي شخصيت سان اٺ سال گذرڻ جي باوجود به انصاف ٿي نه سگهيو آهي جيترو هن جو صحافتي ادبي پيشي ۾ پورهيو آهي اهو بيان ڪرڻ کان گهڻو مٿائون آهي سنڌ سيد ايوسيئيشن ضلع ملير جي جنرل سيڪريٽري سيد سجاد علي شاھ چيو ته وقت ۽ حالتون گهر ڪن ٿيون
ته سلطان شاھ ساقي جي شخصيت کي اجاگر ڪجي هن چيو ته سنڌ سيد ايسوسيئيشن هر سال ساقي شاھ جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪندي پئي اچي جيڪو سلسلو جاري رکيو ويندو ميڙاڪي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته جنهن صحافتي اداري سان هو جڙيل رهيو اهو فوري طور تي سندس اڻ ڇپيل مواد کي سھڙي ڪتاب جي شڪل ۾ ماڻهن جي هٿن تائين پهچائي ته جئين اڄ جو نوجوان سلطان شاھ ساقي جي شخصيت کان چڱي ريت واقف ٿي سگهي.
آگسٽ 7, 2023