عطا تارڙ صمصام بخاري جي 9 مئي جي منصوبابندي جي مبينا آڊيو جاري ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ تحريڪ انصاف اڳواڻ صمصام بخاري جي 9 مئي جي منصوبابندي بابت مبينا گفتگو پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌرائي ڇڏي.

عطا تارڙ موجب آڊيو ۾ صمصام بخاري ٻڌايو ته ڪور ڪميٽي ۾ فيصلو ٿيو ته احتجاج فوج خلاف هوندو، ثابت ٿي ويو ته 9 مئي سانحو هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو هو، شفقت محمود ۽ صمصام بخاري کي 9 مئي جو حصو نه بڻجڻ تي سلام پيش ڪيون  ٿا.

پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪندي هن چيو ته توهان سرٽيفائيڊ چور ثابت ٿي چڪا آهيو، توهان ساهرين نه جيل ويا آهيو ته 24 ڪلاڪن ۾ ئي سهولتون جون درخواستون ڪرڻ لڳا آهيو.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو