سکر ۾ واحد انجنيئرنگ يونيورسٽي جو قيام سٺو سنئوڻ آهي: ناصر شاھھ

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سکر ۾ واحد انجنيئرنگ يونيورسٽي جو قيام سٺو سوڻ آهي، هن وقت سکر  يونيورسٽين جو حب بڻجي ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي سکر ۾ ايس آءِ يو ٽي ۽ چلڊرن اسپتال جو افتتاح ڪندو، جيڪو به پاس ٿيندو ان کي روزگار ڏنو ويندو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ دائود يونيورسٽي جي ڪيمپس جي افتتاح بعد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو تقريب ۾ ضلعي چيئرمين سيد ڪامل حيدر شاهه، ميمبر ايڇ اي سي ڊاڪٽر ثمرين حسين، ضلعي وائيس چيئرمين اختر خان مهر، صنعت وتجارت جي صدر بلال وقار خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، سيد ناصر حسين شاهه يونيورسٽي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو،

 هن وڌيڪ چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ڪشمور کان ڪراچي تائين ميئرز ۽ سمورن چيئرمينن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي،

جنهن جو پهريون ميڊيڪل آهي. ڪاليج تڏهن ٺاهيو ويو جڏهن مان ضلعي جو ناظم هئس، هن چيو ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهيون..

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو