سکر: انجمن ترقي پسند مصنفين جي پندرنھن روزھ گڏجاڻي ٿي گذري
سکر (بيورورپورٽ) انجمن ترقي پسند مصنفين سکر جي پندره وار دستوري گڏجاڻي محترم رضوان اڄڻ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ ڊاڪٽر بدر اڄڻ الطاف شيخ جي سفرنامن ۽ ٻئي علمي ادبي پورھئي تي تجزيو پيش ڪيو، سردار پيرزادي وائي ۽ نياز ڀٽي غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جڏھن تہ فرخ خان، جبران ڀٽي ۽ ڊاڪٽر خادم.منگي تنقيد ۾ حصو ورتو.
اخر ۾ قرارداد پيش ڪندي گهر ڪئي وئي تہ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ نيلاميءَ وارو اشتھار ھميشہ لاءِ واپس وٺي سنڌي ماڻھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ڪارونجهر سنڌ جي ثقافت جو اھڃاڻ آھي انڪري ان کي نيشنل پارڪ/ قومي ورثو قرار ڏئي جهنگلي جيوت، پکين ٻوٽن ۽ ماڻھن جي جياپي جي ھن ذريعي کي محفوظ ڪيو وڃي.
ھڪ ٻئي قرارداد ذريعي سنڌ جي امن امان جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪندي گهر ڪئي وئي تہ سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن کي ٻنجو ڏنو وڃي، ھاڻي تہ معصوم ٻارڙا بہ اغوا ڪيا وڃن ٿا.
انڪري امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال کي ضابطي ھيٺ آندو وڃي ۽ ھڪ ٺھراء پاس ڪري گهر ڪئي وئي تہ سنڌي ٻوليءَ جي سفرنامن جي عالمي معيار جي ليکڪ الطاف شيخ کي سنڌ جي ڪابہ يونيورسٽي پي ايڇ ڊيءَ جي اعزازي ڊگري ڏي. گڏجاڻيء ۾ ان کان سواء ھڪ ٺھراء ذريعي گهر ڪئي وئي تہ روزمره جي استعمال ۽ کاڌي پيتي جي شين کي ھڪ طرف مھانگو ڪري عوام جي چيلھہ چٻي ڪئي وئي آھي
تہ وري ٻئي طرف واپارين کي بہ ڇوٽ ڇڏيو ويو آھي تہ ھو ٻنھي ھٿن سان لٽ ڦر مچايون ويٺا آھن ۽ پرائيس ڪنٽرول ڪرڻ وارو ادارو ڪٿي بہ نظر ڪونہ ٿو اڇي. انڪري ھن اداري کي فعال بنايو وڃي.
آگسٽ 7, 2023