سيوھڻ: عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ پاران احتجاجي مظاھرو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري جي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف سيوھڻ ضلع ڄامشورو جي صدر محمد فاروق احمد سولنگي جي سربراهي ۾ جھاز چونڪ سيوھڻ ۾ ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو جھاز چونڪ تي تحريڪ انصاف جي نڪتل ريلي م پي ٽي آء جي ڪارڪنن ۽ سيوھڻ تعلقه جي پي ٽي آء جي سابق صدر محمد يوسف کوسو جنرل سيڪريٽري خدابخش ملاح اڳوڻو پي ٽي آء جو اطلاعات سيڪريٽري منور حسين ڀنڀرو ضلع ڄامشورو جو پي ٽي آء پارٽي جو اطلاعات سيڪريٽري پرويز چانڊيو ۽ ٻين ڪيترن پي ٽي آء جي ڪارڪنن ۽ سيوھڻ شھر جي عوام شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلع ڄامشورو جي صدر محمد فاروق سولنگي سنڌ پريس ڪلب جي صحافين نمائندن سان ڳالھائيندي چيو ت تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جيڪو اڳوڻو وزيراعظم پاڪستان ب رھي چڪو آھي ان کي توشاخانہ ڪيس ۾ جيڪا ڪورٽ سزا ٻڌائي آھي
اھا سزا ناانصافي تي ٻڌائي ويئي آھي اسان تحريڪ انصاف ان فيصلي جي خلاف مٿي ڪورٽ سڳوري ۾ چيلينج ڪنداسين انشاءالله تحريڪ انصاف جو سربراھ جلد آزاد ٿي ويندو، ۽ آء حڪومت پاڪستان کي چوان ٿو ت ھي توشاخانہ جو ڪوڙو ڪيس خان صاحب تي جيڪو لڳايو ويو آھي ان جو جيڪو فيصلو ڪورٽ ڪيو آھي
اھو فيصلو مٿين ڪورٽ ۾ ٽن ڪلاڪن جي اندر ختم ٿي ويندو ۽ اسان پي ٽي آء جا ڪارڪن پنھنجي قائد جي حڪم تي اسان جي پر امن احتجاج ڪري رھيا آھيون اوھان نمائنده ڏسي رھيا آھيو
سيوھڻ شھر جي مين انڊس ھاء وي روڊ پڻ کليل نظر اچي رھيو آھي ان تي ٽريفڪ پڻ ھلي رھي آھي درگاھ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جا روڊ پڻ کليل نظر اچي رھيا آھن جيڪڏھن اسان جي قائد تان ڪوڙا ڪيس ختم ن ڪيا ويندا ت پوء اسان وڌيڪ احتجاج ڪنداسين روڊ بلاڪ ڪنداسين پوء ڏسنداسين ت حڪومت پاڪستان ڇا ٿي ڪري.
آگسٽ 7, 2023