سيوهڻ : وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي چونڊ تڪ  ۾ آفيسرشاھي جون من مستيون

Spread the love

سيوهڻ  (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي چونڊ تڪ سيوھڻ  ۾ آفيسر طبقي جون من مانيون جاري، مسڪين ماڻهون ماني ڳڀي لاء پريشان . فوڊ کاتي سيوھڻ جي آفيسر شاهي جون لاپرواهيون،نااهليون ۽ عياشيون جاري خوراڪ کاتي سيوھڻ جي نااهلي برقرار.جهاز چوڪ ڀرسان فوڊ آفيس ۾ ڪروڙين روپين جي رکيل ڪڻڪ برساتي پاڻيء ۾ خراب ٿيڻ لڳي 4 فوٽ پاڻي بيٺل پاڻي بيهڻ ڪري ڪڻڪ ۾ ڪيڙا پئجي ويا،۽ ڪڻڪ  سڙڻ ۽ خراب ٿيڻ لڳي، خوراڪ کاتو سيوھڻ اگهور ننڊ ستل،

سالن کان هڪ جڳھ تي مقرر ڪرپٽ فوڊ انسپيڪٽر رجب پنهور  جون موجون، ڪڻڪ جي پاچڪن ۾ واري ۽ مٽي ملائي ٿو زريعه، رجب پنهور ڪڻڪ چوري ڪري انهي جڳھ پاچڪن۾ مٽي واري رکي اسٽاڪ پورو رکي ٿو.زريعه ماڻهون بک پيا مرن اٽو 160/170 روپيا ڪلو سيوھڻ شھر ۾   وڪرو ٿي رھيو آهي، وري ڪرپشن لڪائڻ لاء فوڊ کاتي سيوھڻ جا عملدار ڪڻڪ کي هٿ سان خراب ڪري رھيا آھن.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو