سانگهڙ پوليس جي سهڪار سان قاديانين کي تحفظ ڏنو پيو وڃي: مولانا تجمل حسين،
سانگهڙ( ڊ ر) سانگهڙ پوليس جي سهڪار سان قاديانين کي تحفظ ڏنو پيو وڃي، چک نمبر 22 ۾ قادياني ڊاڪٽر اظهر ۽ مظهر پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي مسجد جي اڏاوت جو سنجھورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جا نالا به خارج ڪيا پيا وڃن،
مولانا تجمل حسين، سانگهڙ عالمي مجلس تحفظ ختم نبوت پاڪستان جي رهنما اسلام ۽ خاتم النبوت کان انڪار ڪندڙ قاديانين خلاف سانگهڙ جي چوڪ نمبر 22 کان سانگهڙ تائين احتجاجي ريلي جو سڏ ڏنو ويو آهي،
ريلي چيڪ نمبر 22 کان شروع ٿي جيڪا سانگهڙ پهتي، ريلي جي اڳواڻي مولانا تجمل حسين، مفتي حنيف لغاري، قاري عمر، مولانا عبدالغفور مينگل، مفتي شڪور لغاري، مفتي ابو طلحه، قاري عبدالباسط ۽ ٻين عالمن ڪئي، ريلي ۾ شهر جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مسلمانن شرڪت ڪئي،
ان موقعي تي عالمن ۽ چيمبر آف ڪامرس جي نائب صدر حاجي يامين قريشي، ظهير احمد جتوئي، عمران علي ۽ ٻين چيو ته هڪ مهينو اڳ چک نمبر 22 ۾ قادياني ڊاڪٽر اظهر ۽ مظهر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، هن چيو ته جوابدارن سندن گهر ڀرسان مسجد ٺاهي هئي جنهن ۾ محراب به ٺاهيون ويون هو،
هڪ مهينو گذرڻ باوجود ايس ايڇ او سنجھورو محمد علي زرداري ڪا به گرفتاري نه ڪئي، جڏهن ته جاچ ۾ اهم جوابدارن جا نالا خارج ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڃا تائين نه مسجد کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڊاهيو ويو آهي،
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي سانگهڙ تي الزام مڙهيندي چيو ته پوليس جي ملي ڀڳت سان پاڪستان جي آئين جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.
عالمن چيو ته اسان پرامن آهيون، انتظاميه جي نااهلي سبب علائقي جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي، قاديانين کي تحفظ ڏيڻ ۾ پوليس سان گڏ مذهبي سياسي پارٽين جا وڏا ماڻهو ملوث آهن، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن الٽي ميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪيس کي قانون موجب اڳتي نه وڌايو ويو ته اڻڄاتل مدي تائين احتجاج ڪنداسين، جيڪڏهن امن امان خراب ٿيو ته ان جو ذميوار قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هوندا.
ان موقعي تي قاديانين ۽ سندن حمايتين خلاف سخت نعريبازي ڪندي ضلعي بار ايسوسي ايشن جي صدر کان مطالبو ڪيو ويو ته قاديانين خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي ته جيئن قاديانين جي ڪيس جي پيروي نه ٿي سگهي، احتجاج کانپوءِ مظاهرين پرامن طور پنهنجن گهرن ڏانهن واپس روانا ٿي ويا.
آگسٽ 7, 2023