سانگهڙ: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هزاره ايڪسپريس حادثي واري هنڌ پهتو

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ سانگهڙ جي علائقي سرهاڙي ويجهو هزاره ايڪسپريس کي پيش آيل حادثي واري هنڌ پهتو ۽ امدادي ڪاررواين جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد عباس بلوچ کيس واقعي واري هنڌ ريسڪيو سرگرمين بابت بريفنگ ڏني.

ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز ميڊيڪل اسپتال شهيد بينظير آباد جو دورو ڪيو ۽ اتي ٽرين حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته ٽرين حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، سنڌ حڪومت فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو ۽ امدادي ڪم شروع ڪيو،

جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هن انتظاميه کي هدايت ڪئي ته زخمين جي وارثن سان فوري طور رابطو ڪرايو وڃي، جڏهن ته لاپته زخمين جي ڳولا پڻ ڪئي وڃي. هن چيو ته سانگهڙ سميت ٻين ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته انتظاميا کي به الرٽ ڪيو ويو آهي.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو