راڻيپور: آر ٽي ايس اسلام آباد پاران رائل اسڪالر پري ڪيڊٽ اسڪول، ڪاليج لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي
راڻيپور (سعيداحمدسھتو )آر ٽي ايس اسلام آباد پاران رائل اسڪالر پري ڪيڊٽ اسڪول ۽ ڪاليج اسلام آباد لاء ايورشائين گروپ آف اسڪول اينڊ ڪاليجز راڻي پور ۾ ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾سنڌ بلوچستان کان آيل ڇھين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس جي ھڪ ھزار کان مٿي شاگردن شاگردياڻين ٽيسٽ ڏني ان موقعي تي ايورشائين گروپ آف اسڪول اينڊ ڪاليجز جي چيف پيٽرن انجينئر ممتاز علي چنه پرنسپال ايورشائين ڪاليج راڻي پور عبدالحڪيم چنه لياقت علي ميمڻ ڏائريڪٽر انفارميشن سيد عباس نقوي شاھ ۽ مختيار حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آر ٽي ايس ٽيسٽنگ سروس پاران ايورشائين شائين ڪاليج ۾اڄ ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن کان ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان آيل شاگردن شاگردياڻين پاران اسڪالر شپ لاء ٽيسٽ ڏني آھي اسان چاھيون ٿا ته پاڪستان جو ھر ٻار پڙھي پنھنجي والدين جي خوابن جي ساڀيا بڻجي اھڙيون ٽيسٽون ھئڻ گھرجن ڇوتہ اھڙين ٽيسٽن سان ٻارن ۾ مقابلي جي سگهه پيدا ٿئي ٿي اسان جو نسب العين شاگردن شاگردياڻين ۾ تعليم بابت شعور اجاگر ڪرڻ آھي اسان ھر محاذ تي جھالت خلاف جنگ جوٽي آھي ۽ اونداھين ۾ جوت جلائڻ جو وچن ورجايون ٿا جڏھن ته ان موقعي تي ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن شاگردياڻين چيو ته اسان پڙھن چاھيون ٿا اڄ اسان پنھنجن پنھنجن شھرن کان سفر ڪري تعليم جي حاصلات لاءِ ايورشائين ڪاليج راڻي پور ۾ٽيسٽ ڏيڻ آيا آھيون جتي اسڪول انتظاميه پاران اسان کي بھترين ٽيسٽ لاء ماحول ڏنو آهي استادن جو رويو انتهائي بھترين ۽ شفيق آھي اسان آر ٽي ايس ٽيسٽنگ سروس ۽ اسڪول انتظاميه جا شڪر گذار آهيون جنھن اسان کي موقعو فراھم ڪيو
آگسٽ 7, 2023