دادو ميونسپل ڪاميٽي کي بهتر ادارو بڻائي سک جو ساهه کڻندس: پيردانش علي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين پيردانش علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دادو ميونسپل ڪاميٽي کي بهتر ادارو بڻائي سک جو ساهه کڻندس دادو شھر کي صاف سٿرو رکڻ اسان جو فرض آهي جلد دادو شھر کي نئون ڊرينج سسٽم ڏنو ويندو اهو ڪم سمورن ڪائونسلرن کي گڏ کڻي ڪيو ويندو،

شهري ساٿ ڏين، پنهنجي گھرن ۽ دڪانن جا دڪا ميونسپل جي حدن ۾ نه آڻين، هاڻي ميونسپل پنھنجا پاور استعمال ڪندي، هاڻي دادو ميونسپل جي گوسڙو ۽ وائيٽ ڪالر ملازمن جي حاضري لاءِ  ميونسپل ڪاميٽي دادو  ملازمن جي حاضري لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي،

جنهن تحت روز حاضري ورتي ويندي ۽ غير حاضر رھندڙ ۽ گوسڙو ملازم ڊيوٽي تي نه اچڻ جي صورت ۾ سندن پگھار ڪٽي ويندي.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو