دادو: شھداء ڪربلا امام حسين عھ ۽ سندن جانثارن جي ياد ۾ مجلس عزا برپا
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سفر ڪربلا 18محرم الحرام تي شھداء ڪربلا امام حسين ع ۽ سندن 72جانثارن جي ياد ۾ ھر سال جيان انجمن محبان اھلبيت ومحبان فقراء دادو صدر سيد اظھر علي شمسي جي اڳواڻي ۾ مڪان قلندري فقير سيد فيض دريا شمسي جي اڱڻ تي مجلس عزاء برپا ڪري ماتم حسين عليه السلام ڪيو ويو
مجلس کي علامه سيد نعيم عباس ڪاظمي آف ڀريا ۽ ذاڪر مصور حسين ميمڻ خطاب ڪندي شھداء ڪربلا جا فضائل مصائب بيان ڪيا ته مومنن جون اکيون آليون ٿي ويون
ھر طرف لبيڪ ياحسين جون صدائون بلند ٿي ويون، بعد ۾ دادو جي مقامي انجمنن پاران نوحا خوانن سيد فقير محبت علي بخاري، ڀورل حيدري،اڪبر منگي تسليم دارا، سيد منصور شاهه جي نوحاخواني تي عزادارن ماتم حسين ڪيو،
بعد دعا زيارت امام مھدي ع پڙھي عالم انسانيت دين اسلام سنڌ ڌرتي جي سلامتي لاءِ دعائون گھري ننگر نياز حسين تقسيم ڪيو ويو،
آگسٽ 7, 2023