خورشيد شاهه 80 سيڪڙو حالتن جو ذميوار عدليا کي قرار ڏئي ڇڏيو
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير ۽ پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ملڪ جي 80 سيڪڙو حالتن جو ذميوار عدليه کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدليه ايوب خان جي دور کان وٺي ورهايل آهي ۽ انهن حالتن جي 80 سيڪڙو ذميوار عدليه آهي.
اهڙيون ڳالهيون هن آئي بي اي يونيورسٽي ۾ نوجوانن ۾ وزير اعظم پاران ليپ ٽاپ تقسيم ڪرڻ واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيون آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته راڻا ثناءُ الله مون کان وڌيڪ بهتر ڄاڻيندو هوندو ته نگران وزيراعظم ڪير اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو وزيراعظم جي ڪچن ڪابينيٽ جو ميمبر آهي اهي جيڪي ٻه نالا وٺي رهيا آهن اهي اسان جي لسٽ ۾ نه هئا، جيڪڏهن انهن بعد ۾ پنهنجو ارادو تبديل ڪيو آهي ته اسان نٿا چئي سگهون، جڏهن ته اسان وزيراعظم کي 5 نالا موڪليا هئا اهي ميڊيا تي ناهن آيا.
هنن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي گرفتاري عدالتي مسئلو آهي، سندن لاءِ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ اڃا اڳتي آهي، هو ان سان رجوع ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ بلوچستان جو موقف ڏنو ويو، ڪائونسل جي اجلاس ۾ سندن ميمبر به موجود هئا، هنن مردم شماري جي منظوري به ڏني.
خورشيد شاهه چيو ته اميد آهي ته نومبر ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪڏهن مردم شماري جي منظوري کانپوءِ تڪ بنديون ڪيون ويون ته اڃا 4 مهينا لڳي سگهن ٿا، جيڪڏهن نيون تڪبنديون نه ٿيون ته چونڊون وقت تي ٿينديون.
هن ڪالهه سرهاري ريلوي اسٽيشن ڀرسان هزاره ايڪسپريس جي حادثي ۽ ان ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته راڻيپور کان جنگ شاهي تائين اسان جو ريلوي ٽريڪ تمام پراڻو آهي، ان ڪري ٽريڪ کي فوري طور تي مرمت ڪرڻ جي ضرورت آهي وفاقي وزير چيو ته اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون پر اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته اسان هن صدي ۾ شامل ناهيون، جيڪا ٽيڪنالاجي جي صدي آهي،
ان جو ذميوار ڪير آهي. بحث ڪيو پر هاڻي پوئتي نه ڏسڻو آهي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، اسان پنهنجا 75 سال ضايع ڪري چڪا آهيون، بعد ۾ هنن نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.
آگسٽ 7, 2023