تحريڪ انصاف چيئرمين جي اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اٽڪ جيل مان اڊيالا منتقلي جي درخواست سڀاڻي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي اٽڪ جيل ۾ حراست غير قانوني قرار ڏني وڃي ۽ کيس جيل ۾ اي ڪلاس جي سهولتن جي فراهمي جو حڪم ڏنو وڃي.
درخواست ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر فيصل سلطان کي تحريڪ انصاف چيئرمين جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ کيس پنهنجي فيملي ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اختيارن جو دائرو نه هجڻ جو اعتراض ڪيو آهي، ان کانسواءِ وڪالت نامي تي تحريڪ انصاف چيئرمين جون صحيحون نه هجڻ جو به اعتراض لاڳو ڪيو ويو آهي.
هاءِ ڪورٽ عمران خان جي اٽڪ جيل کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست سڀاڻي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق سڀاڻي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪندو.
آگسٽ 7, 2023