ايوب ڳوٺ ۾ صفائي جو نظام بهتر نه ڪيو ويو ته احتجاج ڪنداسين : اسلم شاهاڻي
ڪراچي )رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 ايوب ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم يوسي چيئرمين دلدار حسين برفت وائس چيئرمين قادر بخش برفت خلاف هٿن ۾ بينر کڻي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ايسٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري ۾ ايوب ڳوٺ راڄپر محل جي سماجي اڳواڻن اسلم شاهاڻي، ياسين جمالي، الاهي بخش ڀاڳت، ايڊووڪيٽ آصف علي ڏيرو، راشد علي شاهاڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اسلم شاهاڻي، ياسين جمالي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 ايوب ڳوٺ ۾ مختلف هنڌن تي گندو پاڻي تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي، جنهن سبب علائقي واسين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي،انهن وڌيڪ چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون ايوب ڳوٺ ۾ انتظاميه جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب گندو پاڻي تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي مختلف هنڌن تي ڪچري جا ڍير لڳل آهن پر انتظاميه ڪچري کي هٽائڻ لاءِ تيار ناهي، اهو اسان جو جمهوري حق آهي. اسان ڪنهن کي نوڪري لاءِ نه ٿا گهرون پر اسان جو مطالبو آهي ته اسان جي علائقي ۾ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي،وزير بلديات ناصر حسين شاهه ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ان ڳالهه جو نوٽيس وٺن، هنن چيو ته جيڪڏهن ايوب ڳوٺ ۾ صفائي جو نظام بهتر نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
آگسٽ 7, 2023