پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي ڪو احتجاج سامهون نه آيو: مريم اورنگزيب

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين رياستي تحفا کپايا، تنهن ڪري سندس گرفتاري سياسي ناهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي مٿان لڳايل سڀني الزامن جو جواب ڏنو ۽ عدالتون موجود آهن، جتي الزامن جو جواب ڏيڻ جو سڀني کي حق آهي.

هن چيو ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن حساس ملڪيتن کي نشانو بڻايو، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڇا انهن کي رعايت ڏئي سگهجي ٿي؟ پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي حملن جو ماسٽر مائينڊ هو.

سندس موجب مون کي رياستي تحفا مليا ته مان توشا خانا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا پر تحريڪ انصاف چيئرمين عدالت ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر آهي، کيس عدالتي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪو احتجاج سامهون نه آيو.

آگسٽ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو