ورلڊ ڪپ: حڪومت پاڪستان ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت، قومي ٽيم کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان جو سدائين موقف رهيو آهي ته راند ۽ سياست ڌار آهي، ۽ پاڪ-ڀارت لاڳاپا عالمي راندين جي جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجن.
ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ڀارت ۾ سيڪيورٽي تي خدشا برقرار آهن، آءِ سي سي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اميد آهي ته ڀارت ۾ پاڪستان ٽيم کي ڀرپور سيڪيورٽي حاصل هوندي.
آگسٽ 6, 2023