فوج ۽ رينجرز جا جٿا امدادي ڪارروائين لاءِ پهچڻ شروع
ڪراچي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايتن تي سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي بعد پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جٿا امدادي ڪارروائين لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويا. پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جٿا حيدرآباد ۽ سڪرنڊ مان طلب ڪيا ويا، آرمي چيف پاران حادثي جو شڪار ٿيل زخمين کي فوري طور ريسڪيو ڪري کين رليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. آرمي چيف جي هدايتن بعد آرمي ايويئيشن جا هيليڪاپٽر به ريسڪيو آپريشن لاءِ روانا ٿي ويا، هزارا ايڪسپريس سان حادثي بعد اپ ۽ ڊائون ٽريڪ بند، ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنز تي بيهاريو ويو.اڏيرولال اسٽيشن تي رحمان بابا ايڪسپريس بيهاريو ويو، پاڪستان ايڪسپريس، علامه اقبال ايڪسپريس ۽ قراقرم ايڪسپريس کي به مختلف ريلوي اسٽيشنز تي روڪيو ويو
https://www.youtube.com/embed/jE73lprUL-c?feature=oembed ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته رليف ٽرينن کي ڪوٽڙي ۽ روهڙي مان حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي، ڪراچي ڪينٽ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيشنن تي مسافرن جي معلومات لاءِ ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن.
آگسٽ 6, 2023