سرهاڙي ڀرسان هزاره ايڪسپريس سان حادثو، 33 مسافر فوت، ڪيترائي زخمي
نوابشاهه(رپورٽر) سرهاڙي ويجهو هزارا ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 33 ڄڻا فوت ٿي ويا، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، امدادي ڪارروايون جاري آهن. ڪراچي کان لاهور ويندڙ آهزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن حادثي جو آواز ايترو زوردار هو جنهن جي آواز تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. اطلاع تي سرهاڙي پوليس پڻ واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي جڏهن ته علائقي واسين پاران امدادي ڪارروائين دوران 25 کان وڌيڪ لاش ڪڍيا ويا آهن. ڪيترائي مسافر ٽرين جي ملبي اندر دٻجي فوت ٿي وڃڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن جڏهن ڪيترائي زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بي يارو مددگار تڙپي رهيا آھن. پوليس موجب نوابشاهه ريلوي انتطاميا کي اطلاع ڪيو ويو آهي پر انتظاميان طرفان اڃا تائين ڪابه ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهي آهي جنهن سبب امدادي ڪارروائين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.لاش ۽ زخمين کي نواشاهه ۽ ڀرپاسي جي اسپتالن ڏانهن نيو پيو وڃي جڏهن ته ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري موڪل تي ويل داڪترن کي پڻ هنگامي بنيادن تي گهرايو ويو آهي.
آگسٽ 6, 2023