راولپنڊي: کوهه جي کوٽائي دوران زهريلي گئس سبب 4 ڄڻا فوت

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گوجر خان جي علائقي مسه ڪسوال ۾ کوهه جي کوٽائي دوران 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس ذريعن موجب چارئي ڄڻا کوهه ۾ موجود زهريلي گئس سبب فوت ٿيا ۽ مڙهه تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

واقعي کانپوءِ گوجر خان پوليس جي نفري پهچي وئي هئي، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.

هوڏانهن علائقي واسين الزام هنيو آهي ته ريسڪيو 1122 جي دير سان اچڻ سبب کوهه ۾ ڦاٿل ماڻهن کي وقت تي تربيت نه ملي.

آگسٽ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو