حادثي جو شڪار ٽرين ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مسافر سوار هئا: ريلوي انتظاميا
ڪراچي؛ ريلوي انتظاميا ڪراچي چيو آهي ته سرهاڙي ويهو حادثي جو شڪار ريل گاڏي ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ مسافر سوار ھئا. ريلوي انتظاميا موجب ٽرين ۾ سوار مسافرن ۾ عورتون ۽ ٻاڙا به وڏي انگ ۾ سوار هئا اڪثر مسافر لاهور ۽ ٻين شهرن جون ٽڪيتون ورتل آهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان رليف ريل سروس جو عملو حادثي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي جنهنکي پهچڻ ۾ 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو. ريلوي انتظاميا موجب ريل گاڏي حادثي جي زخمين ۽ فوتين بابت ڪجهه نٿا چئي سگھون.
آگسٽ 6, 2023