تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري تي ريحام خان ڪهڙو ردعمل ڏنو؟
توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري تي سندس اڳوڻي گهرواري ريحام خان چيو آهي ته جيڪو توشا خانا جو فيصلو آيو آهي اهو مڪافات عمل آهي.
تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري تي ريحام خان چيو ته اهو قدرتي عمل آهي، جيڪو عمران خان سان ٿيو اهو مڪافات عمل آهي، هي اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي ميان صاحب جي نااهلي تي تاڙيون وڄائي رهيا هئا، ملڪ دشمني جا نعرا هڻي رهيا هئا.
هن چيو بي اعتمادي کانپوءِ جيڪو عمران خان ڪيو، مان ٽوئيٽ ذريعي قمر جاويد باجوا کي پيغام ڏنو هو ته اسان تي جيڪا گذري آهي اها اسان سهي آهي، توهان جي جيڪا گذرندي اها دنيا ڏسندي.
سندس موجب مان ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ ٻڌايو هو ته بي اعتمادي کانپوءِ اهو شخص جيڪو ڪندو اهو سڄي دنيا ڏسندي، ڪيترن ئي ماڻهن کي تعجب ٿيندو ته مان ان ڪيس کي فالو نه ڪري رهي هيس، مان خبر ڏٺي ته پتو پيو عمران خان تي هڪ لک ڏنڊ لڳو آهي، جيڪو ٻڌي مون کي ڏاڍي حيراني ٿي.
آگسٽ 6, 2023