ٽنڊوڄام: مسجد، مدرسي جو پلاٽ ڪاروباري مرڪز ۾ تبديل نھ ڪيو وڃي:   مفتي ڪفايت الله

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) دارالعلوم جامعه حماديہ جي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله ڪورائي جي مدرسي ۽ مسجد تي ھلندڙ تڪرار تي پريس ڪانفرنس ھن مدرسي  ۽ مسجد جو بنياد  سن ٻه هزار ٽي ۾ مفتي غلام الله پنھجي ھٿن مبارڪن سان رکيو

 ھن مدرسي ۾ ٻه پلاٽ آھن جنھن مان ھڪ پالتو جتي مدرسو قائم آھي اھو ٽڪرو زر خريد ڪيل آھي باقي جيڪا عثمانيه مسجد آھي اھو پلاٽ اسان کي مرحوم غلام حيدر بليدي في سبيل الله ڏنو ھو جنھن جي لکت اسان وٽ موجود آھي

 اسان جي مدرسي ۾ ڏيڍ سؤ طالب علم آھن جيڪي ديني تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ڪجھ ھفتہ پھرين حاجي عبدالعزيز بليدي ۽ ولي محمد بليدي وارا اڌ رات جو ڏنڊا بردار ماڻھون ساڻ ڪري اسان جي استانذہ ۽ شاگردن مٿان تشدد ڪري مسجد تي قبضو ڪري ورتو

جڏھن صبع جو اسان آيا سين ته مدرسي ۽ مسجد تي اڻ ڄاتل ماڻھون ڏنڊن ۽ ھٿيارن سان ليز ھئا ۽ پوري مدرسي تي قابض ھوا اسان جڏھن انھن سان ڳالھيون ڪيون ته انھن جو موقف ھو ته ھي مسجد ۽ مدرسو اسان جي پراپرٽي آھي

 اوھان پنھجا سامان کڻي جتان نڪرو اسان پوليس سان رجوع ڪيو مگر پوليس ڪاروائي ڪرڻ بجاء اسان کي داٻا ڏيڻ لڳي حقيقت ھي آھي ته مولوي شفيع محمد اسان کان ھي مدرسو ۽ مسجد کسڻ ٿو

چاھي ان جي پويان مولوي شفيع جا ڪجھ مقاصد آھن اسان ڪورٽ سڳوري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي اسان چاھيون ٿا ته ڀلي راڄ ڀاڳ فيصلو ڪري اسان جو موقف ٻڌي ۽ سامھون واري ڌر جو به موقف ٻڌي اگر اسان ڪنھن به قسم جي ڪا اڳڀرائي ڪئي آھي

 يان اسان ڪو اھڙو عمل بجا آندو آھي جنھن سان ڪنھن کي نقصان پھچايو  ھجي ته سامھون ويھي ڳالھيون ڪن اھو ڪھڙو عمل آھي ته اڌ رات جو ننڊ ستل عالمن ۽ طالبن مٿا بي رحماڻو تشدد ڪرڻ چڱو ڪم ناھي  اسان مسجد ۽ مدرسي تي پنج ڪروڙ خرچ پڻ ڪيو آهي

اسان اڄ ھن پريس ڪانفرنس ۾ اھو واضح ٿا ڪيون ته اسان پنھجي برادري جي معززين سان گڏ ويھي تقراري پلاٽ بابت فيصلو ڪرائڻ چاھيون جيڪو فيصلو راڄ ڪندو اسان کي منظور ھوندو بليدي ڀائرن جي والد پاران وقف ڪيل زمين جا اصل دستاويز اسان وٽ موجود آھن

اسان ڪنھن بہ صورت ۾ ھي ڏاڍ ۽ زبردستي قبول نه ڪنداسين ھي پلاٽ صرف ئي صرف مسجد جو آھي ڪجھ شر پسند ھن پاڪ مقدس جڳھ کي ڪاروباري مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ گھرن ٿا اسان انتظاميه کان انصاف ٿا گھرون .

ان موقعي تي مدرسي حماديہ جو اڳواڻ مفتي ڪفايت الله ڪورائي غلام مصطفي ڪورائي بھادر خان ڪورائي پنھون خان  ڪورائي ۽ نديم خان ڪورائي پڻ موجود ھئا.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو