دادو: ڪارونجهر جي نيلامي خلاف وڪيل برادري پاران عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ، ريلي

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) ڪارونجهر جي نيلامي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو   جي وڪيلن جنرل سيڪريٽري غلام محمد صديقي پير ھني، عبدالحڪيم لغاري ،فهيم گهلو ۽ ٻين پاران ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ نيلامي خلاف عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري عدالتي احاطي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري سنڌ حڪومت جي ڪڌي ڪرتوتن خلاف سخت نعريبازي ڪئي

 وڪيل اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر ٽڪر هڪ تهذيب ۽ ثقافت جو نالو آهي، جنهن کي نيلام ٿيڻ هرگز نه ڏينداسين، سنڌ جي تاريخي ورثي سان هٿ چراند بند ڪري ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج قرار ڏنو وڃي، سنڌ اسيمبلي مان ڪارونجهر جبل جي تحفظ لاءِ بل پاس ڪري هميشه لاءِ جبل کي محفوظ ڪيو وڃي،

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو