گڏيل مفادن واري ڪائونسل نئين آدشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيرِ اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي متفقه طور منظوري ڏني وئي .

وزيرِ اعظم هائوس ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي وزير ۽ شماريات کاتي سميت لاڳاپيل کاتن جي اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نئين آدمشماري بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

شماريات بيورو طرفان گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي آدمشماري تي بريفنگ ڏني ۽ ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا پيش ڪيا.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل آدشماري تحت پاڪستان جي ڪُل آبادي چويهه ڪروڙ ڏهه لک پهچي وئي آهي، جنهن کانوءِ ڪائونسل متفقه طور تي آدشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

هن چيوته تڪبندين جو ڪم 120 ڏينهن ۾ ٿيڻو آهي، قومي اسيمبلي ۾ چئني صوبن جي سيٽن جو حصو ساڳو ئي رهندو.

سندس چوڻ هو ته آئين جي آرٽيڪل 51 تحت عام چونڊون شائع ڪيل آدمشماري تحت ٿينديون.

ان حوالي سان قانون واري زير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هوته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سمورن ميمبرن نئين آدمشماري جي متفقه منظوري ڏني.

ان کان اڳ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته فلحال آدمشماري جي حوالي سان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

مريم اورنگزيب ٻڌايو ته بلوچستان جي وڏي وزير جي فلائيٽ ليٽ آهي، انڪري اجلاس ۾ وقفو آهي، بلوچستان جو وڏو وزير جڏهن اجلاس ۾ ايندو ته پوءِ ان حوالي سان ڪو فيصلو ٿيندو.

ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي منظوري جي صورت ۾ چونڊن ۾ دير جو خدشو آهي.

ان ڏس ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو ته سي سي آءِ آدمشماري جي منطور ڏين ته چونڊون 2024ع تائين ٿي وينديون.

هن چيو ته اصولي طور تي جيڪڏهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سفارشن تي نئين ڊجيٽل آدمشماري بابت گزيٽڊ نوٽيفڪيشن جاري ٿئي ٿو ته آئين جي آرٽيڪل 15(1) جو سب سيڪشن 5 جي تحت اليڪشن ڪميشن پاڪستان نئين سر تڪبنديون ڪرائڻ جو قانوني طورتي پابند آهي.

ياد رهي ته اڳوڻي حڪوتم به 2023ع جي چونڊون نئين آدمشماري تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، اِهو فيصلو 2021ع ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو