ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي تعلقن جي  ٻوڏ متاثر يوسيز ۾ گھرن جي سروي

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو)ڪشمور ۾ گذريل سال جي برساتن کانپوءِ سنڌ سرڪار طرفان متاثر گهرن جي نئين سر تعمير لاءِ ھينڊز اين جي اوز کي ڏنل پروجيڪٽ بعد ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي 76 ھزار 278 گھرن جي سروي ۽ تعمير لاءِ ھينڊز اين جي اوز پنهنجون ٽيمون مقرر ڪري برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي تعلقي جي متاثر يوسين ۾ سروي شروع ڪري ڇڏي متاثرن ۾ خوشي واري لھر ڇانئجي وئي

 ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ھينڊز  ضلعي مينيجر ويرڀان ڪشمور جي پروجيڪٽ مينيجر آفتاب احمد سومرو  تعلقه انچارج طلعت نظير دايو ۽ ٻين اين جي اوز جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته برسات متاثرن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا

ڪو به متاثر گهر سروي کان رھجي نه ويندو سڀني وٽ سروي ٽيم پھچندي ھنن جو چوڻ هو ته ھينڊز اين جي اوز ٽيم يا ڪنهن به يوسي جي مقامي ماڻهو طرفان رشوت يا پئسا ڏيڻ جي گھر ڪئي وڃي ته فل فور ھينڊز انتظاميا کي آگاهي ڏني وڃي

 ضلعي مينيجر جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن برسات متاثرن کان گھر سروي ۽ تعمير جي نالي تي رشوت طلب ڪري رهيا جنھن ڪري رھواسين اپيل آهي

 ته انهن کي گھرن جي تعمير ۽ رجسٽريشن لاءِ پئسا نه ڏين ھينڊز اين جي اوز ڪشمور ۾ ٽن ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ۽ تنگواڻي غوثپور ۾ پنج يوسين ۾ سروي جي شروعات ڪئي آهي جلد متاثرن جي واھر ڪئي ويندي.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو