ڏوڪري ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي ڪرڻ جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي،
مختيار ڪار خالد حسين لنڊ، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير، بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، قاضي عقيل احمد جوڻيجو، امداد حسين ٻگهيو، عبدالغفور زهراڻي، علي بخش پٺاڻ، محمد علي ميمڻ، تپيدار ديدار ابڙو، اڪبر ابڙو، منير ميمڻ، سليمان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين ڪشميري عوام سان يڪجهتي ڪرڻ جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي مختيار ڪار خالد حسين لنڊ، ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، اسٽنٽ مختيار قاضي امجد بشير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي پاڪستان کان ڪير به ڪشمير کي جدا نه ٿو ڪري سگهي.
هنن چيو ته پاڪ فوج جا جوان سرحدن تي جانيون خطري ۾ وجهي ملڪ جي حفاظت ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته اسان ڪشميري عوام سان هر موڙ تي گڏ آهيون، ڪشمير پاڪستان آهي ۽ انشاءِ ﷲ جلد ڪشميرين کي آزاد ڪرائي پاڪستان بڻائينداسين.
آگسٽ 5, 2023