ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن لاڙڪاڻو طرفان ميئر ڪراچي کي سنڌ هاڪي ايسوسئيشن جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد
لاڙڪاڻو (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن لاڙڪاڻو طرفان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي سنڌ هاڪي ايسوسئيشن جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.
ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جي صدر اڪبر قائمخاني ۽ جنرل سيڪريٽري شفقت حسين مڪاني پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي
ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي سنڌ هاڪي ايسوسئيشن جو صدر چونڊجڻ سان سنڌ ۾ هاڪي راند کي هٿي ملندي ۽ رانديگرن جي ڀرپور حوصلا افزائي ٿيندي جيڪو سٺو عمل آهي.
هنن چيو ته نئون چونڊيل صدر ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاڻ هاڪي راند سان دلچسپي رکي ٿو ۽ هو بهتر نموني سان هاڪي راند جي معاملي کي سمجهندو آهي
ان جي چونڊجڻ سان هاڪي راند سان واسطو رکندڙ اڳواڻن ۽ رانديگرن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي
۽ اسان سڀ چونڊجي آيل نئين صدر سان ڪلهوڪلهي ۾ ملهائي هاڪي راند جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.
آگسٽ 5, 2023