ٺاروشاھ لڳ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ مٺو خان سولنگي ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول امير بخش سولنگي جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي ٻارڙا توڙي استاد زخمي ٿيڻ لڳا
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺ وارن جو چوڻ هو ته اسڪول جي بلڊنگ بلڪل زبون ٿي چڪي آھي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب ڪنهن محل به ڪو جاني مالي نقصان ٿي سگهي ٿو جيستائين اسڪول جو تعميراتي ڪم نه ڪرايو ويندو
تستائين ٻارن کي اسڪول نه ڇڏيو ويندو اسڪول ۾ شاگردن جو تعداد 250 کان مٿي آھي پر ھاڻي اسڪول۾ ايندڙ ٻارن جو انگ 70 کان 100 جو آھي هنن وڌيڪ اھو به چيو ته اسڪولن جي بجٽ جيڪي اچي رهي آھي
اھا ڪاٿي ٿي خرچ ٿئي جو اسڪولن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي هنن وزيراعلئ سنڌ ۽ اي ڊي او نوشھروفيروز کي اپيل ڪئي آھي ته اسان جي اسڪول جي مرمت مرمت جو ڪم ڪرائي ڏنو وڃي
ته جيئن اسان پنهنجي ٻارن جو تدريسي عمل جاري رکي سگهون نه ته ٻي صورت ۾ اسان اي ڊي او نوشھروفيروز جي آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪنداسين.
آگسٽ 5, 2023