موٽرسائيڪلون وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهرين لاءِ موٽرسائيڪل خريد ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو. موٽرسائيڪلن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هنڊا موٽرسائيڪل جي مختلف ماڊلز جي قيمت ۾ 2 کان 3 هزار روپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. هنڊ موٽرسائيڪلن جون نيون قيمتون اڄ کان لاڳو ٿينديون.

سي ڊي 70 جي قيمت 3 هزار روپيا وڌڻ بعد 1 لک 57 هزار 900 روپيا ٿي وئي. 70 ڊريم 3 هزار روپيا مهانگي ٿيڻ بعد 1 لک 68 هزار 900 روپيا ٿي وئي.

پرائڊر موٽرسئايڪل جي قيمت ۾ 5 هزار روپيا وڌي آهي جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 2 لک 8 هزار 900 روپيا ٿي وئي.

سي جي 125 جي نئين قيمت 2 لک 34 هزار 900 روپيا جڏهن ته هنڊا سي بي 125 ايف جي نئين قيمت 3 لک 90 هزار 900 روپيا ٿي وئي.

سي جي 125 جي نئين قيمت 2 لک 34 هزار 900 روپيا جڏهن ته هنڊا سي بي 125 ايف جي نئين قيمت 3 لک 90 هزار 900 روپيا ۽ سي بي 150 ايف جي نئين قيمت 4 لک 93 هزار 900 روپين تائين پهچي وئي آهي.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو