عالمي ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪير ڪير شامل هوندو؟ رانديگرن جا نالا سامهون اچي ويا

Spread the love

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي ٿنڪ ٽينڪ ٻارنهن کان تيرنهن رانديگرن جي نالن تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي ٿنڪ ٽينڪ نئين چيف سليڪٽر جي منتظر آهي ۽ چيف سليڪٽر مقرريءَ کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ نالا فائنل ٿي ويندا.

ذريعن موجب، ٽيم جي حوالي سان مڪي آرٿر، گرانٽ برڊبرن، بابر اعظم ۽ حسن چيما ۾ مشاورت ٿي آهي.

ٿنڪ ٽينڪ اسامه مير کي عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي متفق آهي جڏهن ته آل رائونڊر افتخار احمد کي به ڀارت ويندڙ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٿنڪ ٽينڪ بابر اعظم، فخر زمان، امام الحق، محمد رضوان، شاداب خان، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاهين شاهه آفريدي ۽ آغا سلمان جي نالن تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته محمد وسيم جونيئر کي به ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق، سرفراز احمد، سعود شڪيل، محمد حارث ۽ طيب طاهر مان ٻن رانديگرن کي فائنل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ افغانستان سيريز ۽ ايشيا ڪپ دوران اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

ذريعن موجب، نئين چيف سليڪٽر جي مقرري کانپوءِ ٿنڪ ٽينڪ پنهنجي راءِ ان جي آڏو رکندو، جڏهن ته ٽيم جو حتمي فيصلو چيف سليڪٽر ئي ڪندو.

ياد رهي ته ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ احمد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ گذريل عالمي ڪپ جي فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو