سکر ۾ ڪشميرين سان استحصال جي ڏھاڙي تي ريلي ڪڍي وئي
سکر ( بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) سکر ۾ ڪشميرين سان استحصال جي ڏينهن جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي ،
ضلعي انتظاميه جي سڏ تي ڪشمير ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،ڀارت ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارا نوٽيس وٺن: اسسٽنٽ ڪمشنر سکر 05 آگسٽ 2023ع: سنڌ حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪندي سکر ضلعي انتظاميه جي سڏ تي ڪشميرين سان استحصال جي ڏينهن جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي ،
ضلعي انتظاميه پاران ريلي ميونسپل اسٽيڊيم کان پريس ڪلب سکر تائين پهتي، ڪشميرين سان يڪجهتي طور ريليءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر، ميونسپل ڪمشنر سکر سميت مختلف سرڪاري ۽ نجي اسڪولن توڙي ڪاليجز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ڊاڪٽر عيسيٰ خان چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد سالن يا مهينن جي نه پر صدين کان هلندي پئي اچي، ڊوگرا راج کانپوءِ ڀارت پاران ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا ۽ ڪشميرين جي غلاميءَ جو نئون دور شروع ٿيو.
هن چيو ته ڀارت آئيني هٿڪنڊي ذريعي ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي ٿي ،
ان مقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ڊاڪٽر عيسيٰ خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪشميرين تي ظلم بند ڪيو ۽ ڪشمير بني گا پاڪستان جا بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جڏهن ته نعريبازي پڻ ڪئي وئي.
آگسٽ 5, 2023