سکر: ضلعي ڪائونسل جو بجيٽ اجلاس سيد ڪميل حيدر شاھ جي صدارت هيٺ ٿيو
سکر ( رپورٽ: ماجد منگي ) سکر ضلعي ڪائونسل سکر جو بجيٽ اجلاس ۽ نون ۽ ترقياتي منصوبن جي منظوري لاءِ چئيرمين سيد ڪميل حيدر شاھ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو،
سکر 05 آگسٽ 2023ع: ضلعي ڪائونسل سکر جو بجيٽ اجلاس 24/2023 ۽ نون ترقياتي منصوبن جي منظوري لاءِ چئيرمين سيد ڪميل حيدر شاھ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ٿي گذريو . ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جو وائس چيئرمين اسٽيج تي موجود هئا.
اجلاس جي شروعات تلاوت قرآن ڪريم سان ڪئي وئي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي مرد، عورت، اقليت، معذور، هاري ڪسان، نوجوان سميت سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چيئرمين چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ مالي سال 24/2023 جي آمدني جي رقم 666، 268، 3431 جڏهن ته مالي سال 24/2023 جي خرچ جي رقم جو تخمينو 4174312، 3444 ۽ خسارو 646، 905، 12 روپيه سان گڏ بجيٽ پيش ڪئي وئي،
ضلعي ڪائونسل اجلاس نون ۽ ترقياتي منصوبن جي منظوريءَ ۾ اروڙ يونيورسٽي جي سامهون ٽاور آف سکر ٺاهڻ جو منصوبو، جناح پارڪ ٺاهڻ جو منصوبي جي تجويز پيش ڪئي وئي ،
جڏهن ته اروڙ يونيورسٽي جي ڀرسان ضلعي ڪائونسل جي آفيس ۽ هال جي نئين بلڊنگ سميت ضلعي جي مختلف شهرن پنوعاقل، صالح پٽ ، سانگي ، سنگرار، ڪنڌرا ۽ روهڙي ۾مارڪيٽ ٺاهيا ويندا
جڏهن ته انهن منصوبن سان ضلعي ڪا.ونسل کي مالي اضافو ٿيندو ، اجلاس ۾ ضلعي چيئرمين طرفان ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهران آيل سياحن ۽ شهرين جي سهولت لاءِ سکر ۽ روهڙي وچ ۾ هڪ ڦيري هلائڻ جو پروگرام آهي
ته جيئن ساڌ ٻيلو، سکر بئراج۽ ستين جي آستان، سکر ۽ روهڙي کي ملائڻ واري لئسڊائون پل ۽ سميت ان سان لاڳاپيل خوبصورت نظارر آساني سان ڏسي سگهجن.
اجلاس کي چيئرمين خطاب ڪندي چيئرمين چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت پاران اسان تي اعتماد ڪيو ويو ۽ عوام جي ووٽ سان اسان چونڊجي آيا هون چيو ته عوام جي ڀلائي واري اسڪيمن، ترقي، خدمت، مسئلن جي حل لاءِ اوليت جي بنياد تي ڪم ڪنداسين،
آگسٽ 5, 2023