سيوھڻ لڳ ٽرانسفارمر ڪيترن ڏينھن کان خراب ڳوٺاڻا سخت پريشان

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ باغ يوسف جو ٽرانسفارمر گذريل ڪيترن ڏينھن کان خراب ڳوٺ باغ يوسف جو عوام سخت پريشان ڳوٺ جا چڱا مڙس ڳوٺ جي عوام لاء ڪجھ ن ڪري رھيا آھن

جڏھن ت ھن ڪھر جھڙي گرمي ۾ ڳوٺ باغ يوسف جو عوام بجلي ن ھئڻ ڪري سخت پريشان ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت ٽرانسفارمر تي تقريب 120000 روپيه خرچ آھي جيڪو غريب ڳوٺاڻا ڪٿان ڪن جڏھن ت ايس ڊي او واپڊا سيوھڻ اگھور ننڊ ۾ ستل جڏھن ت حيسڪو سيوھڻ جا لائن سپريٽنڊنٽ  ۽ لائن مين پڻ ڳوٺ باغ يوسف جي سڙيل ٽرانسفارمر جي مرمت ن ڪرائي رھيا آھن

 ڳوٺ باغ يوسف جي عوام حيسڪو چيف حيدرآباد ۽ ايگزيڪيٽو انجنيئر حيسڪو  ڊويزن ڪوٽڙي کان مطالبو ڪن ٿا ت خدارا ڳوٺ باغ يوسف جي غريب عوام جو سڙيل ٽرانسفارمر جلد کان جلد ٺھرائي ڏنو وڃي ۽ ڳوٺ باغ يوسف جي عوام جي ھن ڪھر جھڙي گرمي مان نجات ڏياري وڃي.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو