دادو: يوم استحصال ڪشمير ريلي اي ڊي سي ٽو جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ 5 آگسٽ تي ڪشميري ڀائرن سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي فوج جي ناجائز قبضي، جبر ۽ بربريت جي خلاف يوم استحصال ريلي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سميع الله وڳڻ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي،
ريلي ۾ روينيو سميت مختلف کاتن جي آفيسرن، ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا . ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو چيو ته اسان مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ناجائز قبضه، ظلم ۽ بربريت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا
۽ اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته ڪشميري ڀائرن کي ڀارتي ظلم ، بربريت ۽ جبر کان نجات ڏياري وڃي ۽ اقوم متحده جي منظور ڪيل قرارداد تي ڀارت کي عمل ڪرايو وڃي،
آگسٽ 5, 2023