توشا خانا ڪيس ۾ ٽي سال سزا، پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور مان گرفتار
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت توشاخانا ڪيس ۾ عمران خان کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.
توشاخانا ڪيس جي ڪارروائي ٽي ڀيرا وقفي کانپوءِ شروع ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجا حارث عدالت پهتو ۽ ٻڌايو ته گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان کي هاءِ ڪورٽ ۾ داخلا کان ورڪيو ويو، اسان اوهان جي عدالت منتقلي جي درخواست داخل ڪري رهيا آهيون.
عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار خلاف الزام ثابت ٿي ويو آهي،پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو،
عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ڪرپٽ پريڪٽسز ملوث قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمينجي بدديانتي ثابت ٿي وئي آهي.
عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ٽي سال قيد جي سزا جو حڪم ٻڌائيندي مٿس هڪ لک رُپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدار کي ڏندا ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ڇهه مهينا جيل ۾ گذارڻا پوندا.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ترت گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آءِ جي اسلام آباد گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائي.
ان کان اڳ توشا خانا ڪيس ۾ جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي دليلن لاءِ آخري مهلت ڏيندي چيو ته 12 وڳي تائين دليل ڏيو نه ته فيصلو ٻڌائي ڇڏيندس.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل جي عدالت ۾ وقت سر پيش نه ٿيڻ تي ٻه ڀيرا وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي، جنهن تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور جي روبرو پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجا حارث جي مددگار وڪيل خالد يوسف چوڌري پيش ٿيو ۽ هن چيو ته خواجا حارث احتساب عدالت ۾ موجود آهي، هن وڌيڪ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي.
ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته جوابدار کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، واضح ڪريو ته خواجا حارث احتساب عدالت ۾ دليل ڏئي رهيو آهي، اسان کي ڄاڻ ملي آهي ته خواجا حارث احتساب عدالت ۾منجهند اڍائي وڳي جو وقت ورتو آهي.
عدالت چيو ته جوابدار کي واضح هدايت ڪئي هئي ته ساڍي اٺين وڳي حاضري يقيني بڻائي، مون چيو هوته جيڪڏهن جوابدار پيش نه ٿيو ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين.
سيشن جج دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي آخري مهلت ڏيندي رمارڪس ڏنا ته 12 وڳي تائين دليل ڏيو ٻي صورت ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيندس.
ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ۽ سعد حسن عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو.
سيشن جج همايون دلاور امجد پرويز سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڪجهه چوڻ چاهيندئو؟ ڪو شير ئي ٻڌايو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل شعر ٻڌايو.
بعد ۾ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن کي ساڍي ڏهين وڳي تائين جي مهلت ڏني.
آگسٽ 5, 2023