ڪشمور: سولنگي محلي واسي مغوي معصوم ٻارڙو بازياب نھ ٿي سگهيو
ڪشمور ( رپورٽ: طلعت نظير دايو ) ڪشمور ٿاڻي جي حد سولنگي محلا مان اغوا ٿي ويل پنجن ورهين جو معصوم محمد احمد سولنگي هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود هن مهل تائين بازياب ناهي ٿي سگهيو،
ان سلسلي ۾ مغوي محمد احمد سولنگي جو پيءُ لياقت سولنگي جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هوته منهنجو پنج ورهين جو معصوم پٽ محمد احمد گهر ٻهريان راند کيڏندي اغوا ٿي ويو آهي،
جنهن کي اڄ 9 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس هن مهل تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هن چيو ته ڪشمور پوليس منهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ ڪا به اهم اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته منهنجي معصوم محمد احمد جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پڻ پئجي رهيا آهن،
هن آء جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور امجد علي شيخ کان مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ پنهنجي برادري جي مشاورت بعد هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ويندو
جيڪو معصوم جي بازيابي تائين جاري رهندو، رهي ته هڪ هفتو اڳ ڪشمور شهر جي ڳچ آبادي واري علائقي سولنگي محلا مان معصوم محمد احمد سولنگي کي گهر ٻاهران راند کيڏندي اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن ته هن واقعي بعد سموري علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائيل آهي.
آگسٽ 4, 2023